بالي ووڊ اسٽار شاهد ڪپور پنهنجي نئين فلم “ بتي گل ميٽر چالو” جي شوٽنگ جو آغاز ڪري ڇڏيو

shahid kapoor

بالي ووڊ اسٽار شاهد ڪپور پنهنجي نئين فلم “ بتي گل ميٽر چالو” جي شوٽنگ جو آغاز ڪري ڇڏيو، پدماوت جي دير رليز ٿيڻ سبب هن فلم جو شوٽنگ شيڊول متاثر ٿيو هو.

 ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي نئين فلم “بتي گل ميٽر چالو ” ۾ هڪ وڪيل طور جلوه گر ٿي رهيو آهي.

شاهد ڪپور پدماوت جي شوٽنگ پوري ٿيڻ تي هي فلم سائن ڪري ڇڏي هئي.

ميڊيا موجب پدماوت جي دير رليز سبب هن فلم جي شوٽنگ شيڊول تحت شروع نه ٿي سگهي هئي.

اداڪار شاهد ڪپور چيو ته هو فلم “بتي گل ميٽر چالو” لاءِ پرجوش آهي، ڇو ته هي فلم هڪ سماجي مسئلي تي ٺاهي پئي وڃي.

هن چيو ته فلم جو هدايت ڪار شري نارائڻ سنگهه ان کان اڳ به سماجي مسئلي تي هڪ فلم ٺاهي چڪو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*