افغان حڪومت پاڪستان طرفان 27 شدت پسند سندن حوالي ڪرڻ جي ترديد ڪر ي ڇڏي

afghan 27

افغان حڪومت پاڪستان طرفان 27 شدت پسند سندن حوالي ڪرڻ جي ترديد ڪر ي ڇڏي، گذريل ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي کاتي واري ترجمان 27 شدت پسند افغانستان حوالي ڪرڻ بابت هڪ ٽوئيٽ ڪيو هو.

افغان ميڊيا موجب ڪابل حڪومت اسلام آباد طرفان تحريڪ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جا 27 شدت پسند سندن حوالي ڪرڻ جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت هڪڙي به شدت پسند کي اسان جي حوالي نه ڪيو آهي.

 گذريل ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي کاتي واري ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته پاڪستان افغانستان خلاف ڪنهن به قسم جي دهشتگردي لاءِ پنهنجي سرزمين جو استعمال روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان لاءِ گذريل سال نومبر ڌاري تحريڪ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان تعلق رکندڙ 27 شدت پسند افغانستان حوالي ڪيا ويا.

ميڊيا موجب افغان حڪومت پاران شدت پسند سندن حوالي ڪرڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*