ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب هڪ نينگري فوت ٿي وئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

zalzala

ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب هڪ نينگري فوت ٿي وئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ري ايڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي.

ملڪ  جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. جنهن سبب رهواسي پاڪ ڪلام جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

اسلام آباد، لاهور، پشاور، ملتان، بکر، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، حافظ آباد، گوجرانوالا،  ڊيرا اسماعيل خان، ڪماليا، سرگوڌا ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي سبب جهلم، بنون، هنگو، لسٻيلا، باجوڙ ايجنسي، خيبر ايجنسي، فيصل آباد، جھنگ، آزاد ڪشمير، ڪوٽلي، راولا ڪوٽ، ميرپور خاص، ڦلندي، چلاس ۽ ديامر ۾ رهواسي خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پاڪ ڪلام جو ورد ڪرڻ لڳا.

خيبرپختونخواهه، پنجاب، گلگت، بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جي لوڏدا محسوس ڪيا ويا، جيڪي 12 لڳي 7 منٽن تي محسوس ڪيا ويا.

بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ صبح 10 وڳي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو.

زلزلي سبب لسٻيلي ۾ هڪ اسڪول جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اسلام آباد ۾ زلزلي سبب سپريم ڪورٽ ۾  ڪيسز جي ٻڌڻي دوران وڪيل ۽ ٻيا ماڻهو عدالت کان ٻاهر نڪري ايا، جنهن سبب ڪارروائي ٿوري دير لاءِ روڪي وئي.

ڊي جي ميٽ غلام رسول موجب، زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي اوناهئي 169 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته زلزلو هندوڪش جي پهاڙي علائقي ۾ آيو، جنهن جو مرڪز چترال کان 140 ڪلو ميٽر اتر اولهه اور ۾ افغانستان جو علائقو فيض آباد هو.

ڊي جي ميٽ ٻڌايو ته صبح 10 وڳي بلوچستان جي علائقي بيلا ۾ زلزلو آيو، جنهن جي شدت 4 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي گهرائي 29 ڪلو ميٽر هئي.

ٻئي طرف ڀارت ۽ افغانستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جتي ٻنهي ملڪن جي گادي واري شهرن دهلي ۽ ڪابل سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب، افغانستان ۾ به زلزلي جي شدت 6 ڏهاي 2 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندوڪش ريجن ۾ بدخشان صوبو هو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*