اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ پاناما ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءِ کي 8 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي

ishaq dar

اسلام آباد جي احتساب عدالت  اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ پاناما ڪيس جي  جي آءِ ٽي  جي سربراهه واجد ضياءِ کي 8 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي،

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي آفيسر سدره منصور اضافي دستاويز جمع ڪرايا.

سدره منصور  عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار جي ڪمپنين مان 2 دستاويز رهجي ويا آهن، جيڪي اڄ جمع ڪرايا ويندا،

سدرہ منصور نے عدالت کو بتایا کہ اسحاق ڈار کی کمپنیوں سے متعلق 2 دستاویز رہ گئی تھیں، جو آج جمع کرائی گئی ہیں۔

اسحاق ڪيس جي شاهد سلمان سعيد رڪارد جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري، جنهن سبب ٻڌڻي ٿوري دير لاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿيڻ بعد اسحاق ڊار جي شاهد سلمان سعيد پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي اسحاق ڊار جي ڪمپينن جو رڪارڊ پيش ڪيو

عدالت  سلمان سعيد ۽ سدره منصور جي رڪارڊ جمع ڪرائڻ بعد اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ پاناما ڪيس جي  جي آءِ ٽي  جي سربراهه واجد ضياءِ کي 8 فيبروري تي طلب ڪري ورتو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*