ڪلوئي ويجهو ٿرڪول روڊ تي ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي
ڪلوئي ويجهو ٿرڪول روڊ تي ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.
ٿرڪول روڊ تي ڏيپلي کان ايندڙ تيز رفتار ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد رمضان ساهڙ فوت ۽ سندس والد محمد علي ساهڙ زخمي ٿي پيو.
علائقي واسين لاش ۽ زخمي کي ڪلوئي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو.
جڏهن ته پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ويگن حراست ۾ وٺي ڇڏي آهي.