سعودي عرب کي پاڪستان جي ترقي وڌيڪ عزيز آهي، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ رات هڪ وڏو جمهوري مرحلو انجام کي پهچندو، جڏهن ته سعودي عرب جي نئين بادشاهه چيو آهي ته حڪومت ڪهڙي به هجي سعودي عرب کي پاڪستان جي ترقي عزيز آهي.

سعودي عرب جي دوري تان واپسي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته سعودي عرب جي دوري دوران اتان جي قيادت سان ٻه طرفي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن.

هن چيو ته سعودي عرب جي نئين فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت ڪهڙي به هجي، سعودي عرب کي پاڪستان جي ترقي وڌيڪ عزيز آهي.

هن چيو ته سعودي عرب سان ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سينيٽ چونڊن جو اهم مرحلو اڄ رات مڪمل ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*