پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 22 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا

Punjab-Police-2816

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 22 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

ڪاليڪي، جلالپو، پنڊي ڀٽيان ۽ حافظ آباد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي 22 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن جو تعلق آصف گينگ سان آهي، جن ۾ هڪ منشيات فروش عورت منزه بي بي به شامل آهي.

پوليس موجب، جوابدار آصف ۽ ارشد لاهور ۾ چوري سميت 34 وارتن جو انڪشاف ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف لاهور جي مختلف علائقن ۾ 10 کان وڌيڪ کان ڪيس داخل آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*