يوڪريني فنڪارن پاران آمريڪي صدر ٽرمپ جو ڊالرز ذريعي هڪ پورٽريٽ ٺاهيو ويو آهي

trump putin sketch

يوڪريني فنڪارن پاران آمريڪي صدر ٽرمپ جو ڊالرز ذريعي هڪ پورٽريٽ ٺاهيو ويو آهي، ان کان پهريان روسي صدر پيوٽن جو گولين مان پورٽريٽ ٺاهيو ويو هو.

آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ 2 يوڪريني فنڪارن “ فيس آف مني” جي عنوان تحت آمريڪي صدر ٽرمپ جو هڪ پورٽريٽ ٺاهيو آهي.

 گذريل ڏينهن ڊينئل ڊي گرين ۽ داريا مرچنڪو آمريڪي ڪرنسي جي مدد سان ٺهيل صدر ٽرمپ جو پورٽريٽ ميڊيا کي ڏيکاريو.

پورٽريٽ لاءِ ڊالرز جي ننڍي حصي پيني جو گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي.

ميڊيا موجب هي پورٽريٽ “فائيو ايليمينٽس آف وار” جي عنوان تحت نمائش سيريز جو حصو آهي.

ٻئي  فنڪار روسي صدر پيوٽن جو پڻ هڪ پورٽريٽ ٺاهي چڪا آهن.

 صدر پيوٽن جي ان پورٽريٽ ۾ گولين جو استعمال ڪيو ويو هو ۽ فيس آف وار جي نالي سان نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو هو.

  صدر پيوٽن واري پورٽريٽ کي عالمي سطح تي وڏي پئماني تي پذيرائي ملي هئي، ميڊيا موجب صدر ٽرمپ جو پورٽريٽ به جلد نمائش لا پيش ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*