عوامي مسلم ليگ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري برطانيا ۽ ڪينيڊا جي دوري تي روانو ٿي ويو

Tahir-Ul-Qadri-15916

عوامي مسلم ليگ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري برطانيا ۽ ڪينيڊا جي دوري تي روانو ٿي ويو.

ڊاڪٽر طاهر القادري جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ پنهنجي رهائشگاهه کان لاهور ايئرپورٽ پهتو، اتان پرڏيهي ايئرلائن ذريعي لنڊن روانو ٿي ويو.

پارٽي ذريعن موجب، طاهر القادري لنڊن ۽ ڪينيڊا ۾ پارٽي عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو ۽ پنهنجو طبي معائنو به ڪرائيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر طاهر القادري دوري دوران مختلف شهرن ۾ ليڪچر به ڏيندو.

ذريعن موجب، ڊاڪٽر طاهر القادري جي 20 فيبروري تي ڏيهه واپس اچڻ جا امڪان آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*