قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ بار بار واڌ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي چڪو آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيٽرول، ڊيزل ۽  گاسليٽ جي اگهن ۾ بار بار واڌ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي چڪو آهي، حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق نه کسي ۽ نه ئي پنهنجي خراب ڪارڪردگي جو بدلو عوام کان وٺي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ بار بار واڌ سان مهانگائي ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي.

هن چيو ته حڪومت عوام  کان جيئڻ جو حق نه کسي ۽ نه ئي پنهنجي خراب ڪارڪردگي جو بدلو عوام کان  وٺي.

اپوزيش ليڊر چيو ته حڪومت نه ته ٽيڪس نيٽ وڌايو ۽ نه ئي ٽيڪس ڪوليڪشن سسٽم ۾ سڌارا ڪيا، جنهن جي سزا غريب عوام کي ملي رهي آهي.

هن چيو ته حڪومت جنهن نظام کي اڳتي وڌائي رهي آهي، ان ۾ امير، امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب غريب ٿيندو پيو وڃي.

اپوزيشن ليڊر مطالبو ڪيو ته حڪومت پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*