پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالت جي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ هر شهري جو حق آهي

Rana-sanaullah-261017

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالت جي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ هر شهري جو حق آهي، نهال هاشمي غيرمشروط معافي ورتي هئي، نهال هاشمي ڪيس جو فيصلو روايت کان هٽي ڪري ڪيو ويو،  اسان عدالت جي معزز ججن کي ڪڏهن تنقيد جو نشانو نه بڻايو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته ججن جي نالي تي پئسا وٺڻ سپريم ڪورٽ جي عمارت ٻاهران بيهي عدليا تي تنقيد ڪندڙ بابر اعواڻ کي غير مشروط معافي ڪري سگهجي ٿو ته نهال هاشمي کي به معاف ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته نهال هاشمي به عدالت کان غير مشروط معافي ورتي پر سندس ڪيس ۾ عدالت روايت کان هٽي ڪري فيصلو ڪيو.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته عدالتي فيصلن تي ڳالهائڻ ۽ تنقيد ڪرڻ آئيني ۽ جمهوري حق آهي،

راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي معزز ججن جي ذات تي ڪڏهن به تنقيد نه ڪئي آهي، اسان هميشه عدليا جو احترام ڪيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*