نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڪراچي ۾دهشتگردي ۾گهٽتائي ميان صاحب جي ڪري آئي

abid sher ali

نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڪراچي ۾دهشتگردي ۾گهٽتائي ميان صاحب  جي  ڪري آئي، جيڪڏهن زرداري هائوس ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي ته رائو انوارهٿ اچي ويندو.

ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته نهال هاشمي کي سندس گٿن لفظن جي سزا ملي آهي، جنهن ڏينهن هن توهين عدالت ڪئي تنهن ڏينهن ئي نواز شريف ڪارروائي ڪئي.

هن چيو ته رائو انوار معصوم ماڻهن جو قتل آهي، زرداري هائوس اسلام آباد تي ڇاپو هنيو وڃي ته ملي ويندو.  سنڌ جا حڪمران چور ۽ ڦورو آهن.

عابد شير علي چيو ته عوام جا اربين رپيه ڦريا ويا آهن، هڪ هڪ پائي جو حساب وٺنداسين، پ پ کي وقت ڏنو ويو هاڻي قوم سندن احتساب ڪري.

توانائي واري ممڪلتي وزير چيو ته جيڪڏهن زرداري هائوس اسلام آباد تي ڇاپو هنيو وڃي ته رائو انوار ملي ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*