قومي ٽيم نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي معين خان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي جي چيف سليڪٽر، قومي ٽيم جي مينيجر معين خان چيو آهي ته پهرين اننگ ۾ احمد شهزاد، يونس خان، مصباح الحق، محمد حفيظ۽ اظهر علي جي شاندار ڪارڪردگي بعد ٽيم مضبوط پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر ابوظهبي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيست ميچ جاري آهي.

قومي ٽيم پهرين اننگ ۾ 566رنز 3 وڪيٽن جي نقصان تي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي.

قومي ٽيم جي پهرين اننگ ۾ احمد شهزاد 176رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو، جڏهن ته مصباح الحق 102، يونس خان 100رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا،جڏهن ته محمد حفيظ 96۽اظهر علي 87رنز جي اننگ کيڏي.

قومي ٽيم جي مينيجر معين جو چوڻ آهي ته نيوزلينڊ جي ٽيم خلاف پهرين اننگ ۾ شاندار بيٽنگ ڪارڪردگي بعد هاڻي بالرز کي پنهنجي بهتر پرفارمنس جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هوته هو گهڻو پراميد آهي ته قومي ٽيم ڪيوي ٽيم کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*