واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به پورهيتن تالابندي ڪري ڌرڻا هنيا

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به پورهيتن تالابندي ڪري ڌرڻا هنيا، سکر ۾ ڌرڻي دوران هڪ پورهيت پاران پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ساٿين بچائي ورتو.

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملامن جو اڄ ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، ملازمن  آفيسن جي تالا بندي ڪري ڊيوٽيز جو بائيڪاٽ ڪيو.

نوابشاهه ۾ ملازمن آفيسن کي تالا هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪيو.

نوشهرو فيروز ۾ واپڊا ملازمن آفيسن جو بائيڪاٽ ڪري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ممڪلتي وزير عابد شير علي جي پتلي کي باهه ڏني.

سکر ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف احتجاج دوران هڪ پورهيت احمد علي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ساٿي ملازمن بچائي ورتو.

دادو، مورو، سانگهڙ ۽ شهداد پور ۾ ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاج ڪري نجڪاري خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج جي سڏ تي عمرڪوٽ، پڊعيدن، ٺل، سڪرنڊ، قاضي احمد، پير جو ڳوٺ، ٽنڊو آدم، سنڌڙي سميت ٻين شهرن ۾ ملازمن پاران آفيسن جي تالابندي ڪئي وئي، جنهن سبب آفيسن اندر ڪارنهوار معطل آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته حڪومت واپڊا کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن کي هو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.

هنن چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسن سبب ادارا  ترقي بدران تباهي ڏانهن وڌي رهيا آهن.

ملازمن چتاءُ ڏنو ته واپڊا جي نجڪاري وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جي نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*