تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ۽ پنجاب پوليس سياسي مخالفن خلاف استعمال ٿي رهي آهي

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ۽ پنجاب پوليس سياسي مخالفن خلاف استعمال ٿي رهي آهي، جنهن جي ڀيٽ نه ڪي پي ڪي پوليس سان نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪي پي پوليس سياسي مداخلت کان پاڪ آهي. خواجه آصف شريف خاندان جي مني لانڊرنگ گينگ جو حصو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران خواجا آصف جي نااهلي ڪيس بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.جڏهن ته  عثمان ڊار نيب اختيارين سان ملاقات جي تفصيلن کان به عمران خان کي آگاهه ڪيو.

عمران خان چيو ته عثمان ڊار کي سمورا دستاويزي ثبوت جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خواجا آصف شريف خاندان جي مني لانڊرنگ گينگ جو حصو آهي،

هن چيو ته پرڏيهي وزير جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ کي هر سطح تي اٿارڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته پنجاب ۽ سنڌ پوليس عدالت کان مٿڀرن قتل ۾ ملوث آهي. جڏهن ته ڪي پي ڪي پوليس خودمختيار، پيشور ۽ غير سياسي پوليس آهي، جنهن جي پنجاب ۽ سنڌ پوليس سان ڪابه ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي.

عمران خان چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ پوليس سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*