سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ 10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي

naqeeb ullah

سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل  ڪيس ۾ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ  10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ميڊيا کي رائو انوار جا بيان نه هلائڻ جي هدايت ڪندي اي ڊي خواجا جي استدعا تي انٽيليجنس ايجنسيز کي سنڌ پوليس سان سهڪار ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ نقيب الله محسود قتل ڪيس بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سول ايوي ايشن جي نمائندي کان پڇاڻو ڪيو ته پاڪستان ۾ جيڪي خانگي جهاز استعمال ٿين ٿا تنهن جو ڪو رڪارڊ آهي؟

جنهن تي سول ايوي ايشن جي نمائندگي ٻڌايو ته 4 آپريٽرز آهن، جن جا حلفي بيان به ورتا ويا آهن،

چيف جسٽس چيو ته رائو انوار عدالتي تحويل ۾ نه آيو ته سندس زندگي کي خطرو  ٿي سگهي ٿو.

ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت کي درخواست ڪئي ته انٽيليجنس ايجنسين کي چيو وڃي ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سندس مدد ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ انٽيليجنس ايجنسين کي سنڌ پوليس جي مدد جي هدايت ڪندي چيو ته ايم آءِ، انٽر سروسز انٽيليجنس ۽ آءِ بي رائو انوار کي ڳولڻ ۾ پوليس کي مڪمل سهڪار فراهم ڪن.

عدالت چيو ته اسان رائو انوار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم به ڏنو آهي، جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته يقيني طور قانون موجب توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي استدعا منظور ڪندي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ کيس وڌيڪ 10 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس ميڊيا کي هدايت ڪئي ته رائو انوار جو ڪو به آڊيو يا وڊيو پيغام نه هلايو وڃي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي خبر آهي ته توهان جي ڪم جاري رکڻ تي سپريم ڪورٽ تي تنقيد ٿي آهي. .

آءِ جي سنڌ چيو ته توهان چئو ٿا ته هن وقت ئي عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن تي چيف جسٽس  چيو ته اسان چاهيون ٿا ته توهان ئي رائو انوار ڪيس جي پيروي ڪيو.

سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل  ڪيس ۾ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ  10 ڏينهن جي مهلت ڏيندي ميڊيا کي رائو انوار جا بيان نه هلائڻ جي هدايت ڪئي.

سپريم ڪورٽ اي ڊي خواجا جي استدعا تي انٽيليجنس ايجنسيز کي سنڌ پوليس سان سهڪار ڪرڻ جو  حڪم ڏيندي ٻڌڻي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*