نوابشاهه ۾ آبادگارن پاران مقرر ٿيل ڪمند جو اگهه ۽ انڊينٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

nawabshah

نوابشاهه ۾ آبادگارن پاران مقرر ٿيل ڪمند جو اگهه ۽ انڊينٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

آبادگارن رشيد لنڊ، محمد ايوب ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ننڍن آبادگارن کي ڪمند جي تور ۾ غير قانوني 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي، جيڪا سندن زيادتي آهي.

هنن چيو ته ٺيڪيدارن کي روزانه پئسا ڏنا ٿا وڃن، ۽ ننڍن آبادگارن کي نٿا ڏنا وڃن، جنهن سبب ٻچا گهرن ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته شگر ملز انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري مقرر ٿيل اگهه ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*