پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز به ڪراين ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي

petrol remain

پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز به ڪراين ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جو معاشي قتل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، حڪومت پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي.

ترجمان گڊز ٽرانسپورٽرز امداد نقوي جو چوڻ آهي ته حڪومت گذريل مهيني ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ اضافي جو اعلان ڪيو هو، پر ان تي عمل روڪيو ويو، هن ڀيري 6 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڊيزل جي نئين قيمت ۾ اضافي کانپوءِ ڪراين ۾ به 15 سيڪڙو تائين اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جو معاشي قتل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، پيٽرول بم ڪيرائي عوام کان بدلو ورتو پيو وڃي.

واضح رهي ته ناڻي وزارت هڪ ڏينهن اڳ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ، جنهن مطابق ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 92 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 93 پئسا في ليٽر اضافي جو اعلان ڪيو ويو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*