ترڪ هوائي فوج جي عراق ۾ ڪاروائي دوران 49 ڪرد ويڙهاڪ مارجي ويا آهن

turk erak

ترڪ هوائي فوج جي عراق ۾ ڪاروائي دوران 49 ڪرد ويڙهاڪ مارجي ويا آهن، ترڪ حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ويڙهاڪ ترڪي ۾ دهشتگرد ڪاروائين جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.

پرڏيهي خابرو اداري ترڪ حڪومت پاران جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته ترڪ هوائي فوج عراق جي اترين حصي ۾ڪردستان ورڪرز پارٽي جي 19 ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 49 ڪرد ويڙهاڪ مارجي ويا آهن ۽ سندن هٿيارن جا ذخيرا تباهه ٿي ويا آهن.

ميڊيا موجب ترڪ حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرد باغين جي جنهن گروهه کي نشانو بڻايو ويو آهي اهو ترڪي ۾ ڪاروائي جو منصوبو ٺاهي رهيو هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*