نيب چيئرمين، سيف سٽي ڪراچي پراجيڪٽ سميت ٻين منصوبن تي شڪايتن جو نوٽيس ورتو

javed iqbal nab chairman

نيب چيئرمين، سيف سٽي ڪراچي پراجيڪٽ سميت ٻين منصوبن تي شڪايتن جو نوٽيس ورتو، نيب چيئرمين جسٽس رٽائرد جاويد اقبال، ڊي جي نيب ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سيف سٽي منصوبو انتهائي اهم منصوبو آهي، ان پراجيڪٽ ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي،

قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبان ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ ۾ دير، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ سنڌ پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگلوليٽر اٿارٽي جي قانون جي مبينا ڀڃڪڙي، غير شفافيت جي مبينا رپورٽ ۽ نيب ڪراچي کي مليل شڪايتن جو نوٽيس ورتو.

نيب چيئرمين مڪمل جاچ جو حڪم ڏيندي جلد کان جلد رپورٽ طلب ڪري ورتي.

نيب ڪراچي جي رپورٽ موجب، ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ تحت ڪيمرائون لڳائڻ واري منصوبي ۾ سيپرا قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

رپورٽ موجب، سيپرا پنهنجي 15 جون 2016 واري لکيل خط ۾ ڀڃڪڙي جو اعتراف ۽ 14 نومبر 2016 جي اهليت جي معيار کي تبديل ڪرڻ کي به تسليم ڪيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي ٻنهي خطن ۾ 21 نومبر 2016 ۽ 22 نومبر 2016 کي سيڪريٽري وزارت سائنس ايند ٽيڪنالاجي 2016 کان درخواست ڪئي هئي ته نيب کي 9 ڊسمبر 2016 جي خط جي پيرا 3 موجب، معاملي تي فوري قدم کنيا ويندا،

رپورٽ موجب، نيب جي 9 ڊسمبر 2016 جي خط جي جواب ۾ 22 مارچ 2017 ع ۾ لکيل سيپرا جي خط جو تعين آهي،

رپورٽ موجب، اهو خط سيپرا جي پهرين خط کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته پراڻي لکيل خط ۾ سيپرا پنهنجي قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم ڪندي سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت جي ٺيڪي کي رد ڪيو هو پر نيب کي ٻڌايوآهي ته  ڄاڻايل ٺيڪي ۾ سيپرا ضابطن ۽ قائدن جي پابندي ڪئي وئي آهي.

نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال ڊي جي نيب ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي سيف سٽي منصوبو انتهائي اهم منصوبو آهي، ان راٿا ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي،

جسٽس رٽائرد جاويد اقبال چيو ته سيف سٽي منصوبو ڪراچي قانون،  مڪمل شفافيت ميرٽ ۽ سيپرا قانون جي موجب مڪمل ٿئي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به صورت ۾ نيب طرفان دير نه ڪئي وڃي.

نيب چيئرمين چيو ته پنهنجا نوازي، اختيارن جي ناجائز استعمال  ۽ ڪرپشن روڪڻ نيب جي ذميواري آهي، جيڪا پوري ڪئي ويندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*