سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري، نواز ليگ سان واڳيل جتوئي ڀائرن پ پ جي حمايت ڪري ڇڏي

سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، نوازليگ سان واڳيل جتوئي ڀائرن پ پ جي حمايت ڪري ڇڏي، حسنين مرزا به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم هڪ ۾ سينٽ چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ نوازليگ ايم پي ايز ووٽ ڪاسٽ ڪيو، تحريڪ انصاف جا ميمبر ووٽ ڏيڻ نه پهتا.

جتوئي ڀائرن جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد صوبائي وزير منظور وساڻ، نوازليگ ايم پي اي مسرور جتوئي سان گڏ ميڊِيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته هو پ پ اميدوار جي حمايت ڪرڻ تي جتوئي ڀائرن جا ٿورائتا آهن.

هن چيو ته هارس ٽريڊنگ پ پ نه پر نوازليگ ڪري رهي آهي، جتوئي ڀائرن جو پ پ سان پراڻو تعلق رهيو آهي، اڳتي به گڏجي هلندا.

 ٺٽي جا شيرازي ڀائر امير حيدر شاهه شيرازي، حسنين شيرازي ۽ اعجاز شاهه شيرازي هڪ ئي وقت ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پهتا، ميڊيا سان ڳالهائيندي امير حيدر شاهه شيرازي چيو ته وزير اعظم نواز شريف جي حڪم تي هنن فنڪشنل ليگ اميدوار کي ووٽ ڏنو آهي.

لنڊن کان ڪراچي پهتل پ پ ايم پي اي حسنين مرزا ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي پهتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حسنين مرزا چيو ته هو والد جي هدايت تي ووٽ ڏيڻ لاءِ آيو آهي، ووٽ ڪنهن کي ڏيندو، اهو ٻڌائڻ لازمي ناهي.

فنڪشنل ليگ جي امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ سنڌ ۾ هارس ٽريڊنگ ڪري جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ جون ڪوششون هلندڙ آهن، عمران خان کي درخواست آهي ته چار ووٽ ضايع نه ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*