عمران خان جي دعويٰ ڪوڙي آهي، رحمان ملڪ

اڳوڻي وفاقي گهرو  وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته هو سينيٽ ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ اميدوار ناهي، اهڙو فيصلو پارٽي جي قيادت ڪندي.

سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊن دروان ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته عمران خان جي دعويٰ ڪوڙي آهي، کيس پنهنجي ئي ڪي پي جي ميمبرز تي اعتماد ناهي رهيو.

رحمان ملڪ چيو ته هو سينيٽ ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ اميدوار ناهي ان بابت فيصلو پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڪندو.

  رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ قائم ٿيڻ وارن خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ جمهوريت کي نقصان رسائڻ چاهين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*