رتوديرو ۾ جتوئي محلي جي رهواسين پاران ترقياتي ڪم ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

ratodero

رتوديرو ۾ جتوئي محلي جي رهواسين پاران ترقياتي ڪم ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جتوئي برادري جي ڀٽه وانڍ جي رهواسين شهر جي مختلف رستن کان نعريبازي ڪندي پريس ڪلب پهتا.

اڳواڻن عبدالله ڀٽو، مولا بخش جتوئي ۽ ٻين چيو ته اسان جي محلي کي گذريل 10 سالن کان نظر انداز ڪيو پيو وڃي، نه صفائي ڪرائي پئي وڃي ۽ نه وري ڪو ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن.

هنن چيو ته چونڊيل نمائندن کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر دلاسن ڏيڻ باوجود ڪو تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته رهواسين جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌائي ميونسپل ڪاميٽي آڏو بک هڙتال ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*