سپريم ڪورٽ پاران توهين عدالت جي سزا ۾ اڊ يالا جيل موڪليل نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي کي دل ۾ تڪليف سبب جيل جي اسپتال منتقل ڪيو ويو

mariyam tweet

سپريم ڪورٽ پاران توهين عدالت جي سزا ۾ اڊ يالا جيل موڪليل نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي کي دل ۾ تڪليف سبب جيل جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مريم نواز به نهال هاشمي جي حمايت ۾ ميدان تي لهي آئي، پنهنجي ٽوئيٽر پروفائيل تي نهال هاشمي جي تصوير لڳائي ڇڏي آهي.

گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ  نهال هاشمي کي ججن کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ هڪ مهيني جي قد جي سزا ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.

عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کان پوءِ نااهل هاشمي پنج سالن تائين نااهل به ٿي ويو هو.

گذريل ڏينهن عدالتي فيصلي بعد نهال هاشمي کي گرفتار ڪري سخت سيڪيورٽي ۾ سينٽرل جيل اڍيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن جيل انتظاميا کي آگاهه ڪيو هو ته هو دل جو مريض آهي.

نهال هاشمي جيل انتظاميا کي آگاهه ڪيو هو ته دل جي تڪليف سبب کيس ٽن مهينن دوران 3 اسٽنٽ لڳايا ويا.

اڄ نهال هاشمي جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن سبب کيس اڍيالا جيل راولپنڊي منتقل ڪيو ويو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  جي ڌي مريم نواز به نهال هاشمي جي حمايت ۾ ميدان تي لهي آئي.

مريم نوا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پنج سالن تائين نااهل قرار ڏنل نهال هاشمي سان يڪجهتي جي اظهار طور سندس تصوير پنهنجي ٽوئيٽر پروفائل اڪائونٽ تي لڳائي ڇڏي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*