پاڪستان دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

Dr-Faisal-111217

پاڪستان دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ موجود نه آهن، اسان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته سرحد کي محفوط بڻائڻ لاءِ افغانستان به ڪردار ادا ڪندو.

پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين، پاڪستان پاڙيسري ملڪن کان به اها ئي اميد رکي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان افغانستان سرحد تي 975  چوڪيون تعميرڪيون، جڏهن ته افغانستان جون رڳو 200 چوڪيون آهن، افغانستان کان پاڪستاني علائقي ۾ 470 حملا ٿيا.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان هٿين خالي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته ياسمين ملڪ جي سشما سوراج ڏانهن لکيل خط ۾ ڀارتي ٻٽي معيار تي تنقيد ڪئي وئي، خط ۾ مجاهدن کي قانون تائين پهچبنا ڦاهي واري معاملي کي اٿاريو ويو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ڀارتي اڳرائي دهشتگردي لاءِ پاڪستانن جي ڪوششن ۾ رنڊڪ آهي، ڀارتي فوج جي هٿان وڌيڪ 3 ڪشميرين جي شهادت جي مذمت ڪريون ٿا.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته انڊونيشن صدر جو دورو مثبت رهيو، جنهن ۾ عالمي معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

هن چيو ته انڊونيشين صدر آڏو پاڪستاني شهري ذوالفقار علي جي آزادي وارو معاملو اٿاريو ويو،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پاڪستان عالمي امن لاءِ لاڳيتو قربانيون ڏئي رهيو آهي، ڪانگو ۾ نائيڪ نعيم رضا شهيد ۽  هڪ جوان به زخمي ٿيو.

ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ موجود نه آهن، اسان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته سرحد کي محفوط بڻائڻ لاءِ افغانستان به ڪردار ادا ڪندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*