نون ليگ سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته هميشه نظريي ضرورت ۽ ڪامياب انقلاب جي نالي تي عدالتن فيصلا ڏنا

nawaz shareef

نون ليگ سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته هميشه نظريي ضرورت ۽ ڪامياب انقلاب جي نالي تي عدالتن فيصلا ڏنا، 70 چونڊن ۾ 4 مهينا رهيل آهن پر اڃا به بي يقيني واري صورتحال برقرار آهي، ملڪ جو رخ درست ڪرڻو آهي ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

ڪراچي ۾ جمهوريت جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ملڪي سياسي تاريخ جمهوريت تي حملن سان ڀريل آهي، سوال اهو آهي ته جمهوريت بابت وهم ڇو پيدا ڪيا ويا آهن؟

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جمهوريت کي ڪمزور رکڻ جو سلسلو ۽ وزيراعظم کي مرضي جو رانديڪو بڻائڻ واري روايت اڄ به جاري آهي.

نواز شريف چيو ته ملڪي تاريخ جمهوريت تي حملن سان ڀريل آهي، جمهوريت کي مضبوط ٿيندي ڏسندي ئي ان مٿان ڪهاڙو اڇلايو ويندو آهي.

هن چيو ته جسٽس منير ضرورت وارو نظريو ايجاد ڪري مارشل لا جي حمايت ڪئي ۽ عدليه ضرورت واري نظريي ۽ ڪامياب انقلاب جي نالي تي هميشه مارشل لا کي درست قرار ڏيڻ وارا فيصلا ڏنا.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چونڊن ۾ 4 مهينا رهيل آهن پر بي يقيني برقرار آهي، ملڪ جو رخ درست ڪرڻو آهي ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

نواز شريف چيو ته مشرف اڄ به غداري واري سزا کان بچيل آهي، پر اها ڳالهه به آهي ته هڪ ڊڪٽيٽر فرار ٿيڻ تي مجبور آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*