واهي پانڌي ۾ قديمي قبرستان جي پلاٽ تي دڪان ٺاهڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو آهي

wahi pandi

واهي پانڌي ۾ قديمي قبرستان جي پلاٽ تي دڪان ٺاهڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو آهي.

قديمي قبرستان جي پلاٽ تي ميلي جا دڪان لڳائڻ خلاف ڳوٺ گاجي شاهه، ٽنڊو رحيم سميت ٻين ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي رهواسين چيو ته گادي نشين ۽ پوليس ميلي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري تاريخي قبرستان جي پلاٽ تي دڪان اڏي رهيا آهن، جنهن سبب قبرستان جي بي حرمتي ٿئي ٿي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ميلي انتظاميا سميت ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قديمي قبرستان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*