احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيذ جي ضمني ريفرنس ۾ غيرملڪي شاهدن جا بيان

nawaz and mariyam at lahore high

احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيذ جي ضمني ريفرنس ۾ غيرملڪي شاهدن جا بيان ويڊيو لنڪ ذريعي رڪارد ڪرڻ جي نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير جي سربراهي ۾ شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز ڪراچي جي دوري سبب پيش نه ٿي سگهيا، جڏهن ته ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران ڊپٽِ پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظهر عباسي دليل ڏيندي چيو ته جاچ دوران ٻن پرڏيهي ملڪن جي شاهدن رابرٽ ريڊلي ۽ اختر راجا جو بيان ورتو ويو پر ٻنهي شاهدن ۾ امن ۽ امان جي صورتحال سبب شاهدن ڏيهه اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پراسيڪيوٽر نيب وڌيڪ چيو ته شاهدن کي پاڪستان گهرائڻ تي ٽرائل ۾ دير سان گڏ خرچ به ٿي سگهي ٿو ۽ قانون ۾ ان جي گنجائش نه آهي ته غير ملڪي شاهدن کي پيش ٿيڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مارڪ سيگل جو بيان به ويڊيو لنڪ ذريعي قلمبند ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارتي رياست مهاراشتر ۽ ڊاڪٽر پارفل بي  جي ڪيس ۾ به ويڊيو لنڪ ذريعي بيان جي اجازت ڏني وئي هئي.

معزز جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته  پهرين توهان سي ڊي پيش ڪندو ۽ پوءِ وري ان جا سوال اچي ويندا، اهڙي ريت اوهان ته سي ڊيز مٿان سي ڊيز ڏيندا رهندا.

سردار مظفر عباسي چيو ته شاهدن 6 ۽ 7 فيبروري تي حاضر ٿيندا، جنهن تي مريم نواز جي وڪيل  امجد پرويز چيو ته شاهد نواب نه آهن، سندن ٻڌايل تاريخ تي بيان قلمبند ٿين. شاهد هڪ خانگي ايڪسپرٽ آهن، جن کي جي آءِ ٽي هائر ڪيو.

مريم نوز جي وڪيل امجد پرويز چيو ته نيب طرفان جيڪا اي ميل درخواست سان لڳائي وئي، اها به رابرٽ ريڊ لي جي نه آهي، جن واقعن جو ذڪر اي ميل ۾ ڪيو ويو آهي، اهي ريڊلي کي هائير ڪرڻ کان اڳ جي آهي.

مريم نواز جي وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ رابرٽ ريڊلي طرف ڏنو ويو، ڊيڪلريشن به شامل آهي.

مريم نواز جي وڪيل چيو ته ڊيڪلريشن ۾ ريڊلي چيو ته کيس خبر آهي ته هو عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، لڳي ٿو ته رابرٽ  ريڊلي کي هائير ڪيو ويو هوندو ۽ ڪجهه شرط به طئي ڪيا ويا هوندا.

ڌرين جي دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت نيب طرفان غير ملڪي شاهدن کي ويڊيو لنڪ ذريعي بيان قلمبند ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ وڊيو لنڪ جي ماڊرن ڊوائس لڳائي وڃي،

نوازشريف جي وڪيل اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نوازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي.

 

نوازشريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻو وزيراعظم ڪراچي ۾ مصروف آهي، جنهن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهندو.

عدالت نوازشريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنسز جي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*