ملير جي سکن واري علائقي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي ڪئي وئي آهي

malir ziyati

ملير جي سکن واري علائقي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي ڪئي وئي آهي، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي تفصيلي جاچ ۽ پوليس ڪارروائي تي بابت رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن.

ايس ايس پي ملير عديل چانڊيو موجب سکن واري علائقي ۾ هڪ اڻڄاتل شخص مبينا طور گهر ۾ داخل ٿي 8 ورهين جي ٻارِڙيءَ کي حوس جو نشانو بڻايو.

هن چيو واقعي جي تصديق لاءِ ٻاِرڙيءَ کي جناح اسپتال متقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ظاهري طور تي لڳي پيو ته ٻارِڙي  سان زيادتي ٿي آهي.

ايس ايس پي ملير چيو ته ٻارِڙي جو پيءُ پنجاب ۾ آهي ۽ ماءُ گهرو ملازم آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال  نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ملير کان واقعي جون ڌار ڌار تفصيلي رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*