سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ مفاهمت جي آجيان ڪيون ٿا، خواجه سعد رفيق

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ٻاويهين آئيني ترميم ۾ پيپلز پارٽي نواز ليگ جو ساٿ ڏئي ها ته  بهتر رهي ها، جڏهن ته صدارتي فرمان 10 ڏينهن اول جاري ڪرڻ گهرجي ها پر دير سان جاري ڪري به ڪجهه غلط نه ڪيو ويو آهي، فاٽا جي ميمبرن جا ڪارٽيل کي ٽوڙيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ميڊيا ۽ سياست ۾ سٺا ۽ خراب ٻئي ڪردار موجود آهن.

هن چيو ته فاٽا ميمبرن کي هڪ ووٽ جو حق ڏئي انصاف ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه آهي.

هن چيو ته فاٽا ميمبرن جي ڪارٽيل کي ٽوڙيو ويو آهي ۽ ان خلاف واويلا اجائي آهي، اڳي واري قانون ۾ فاٽا ميمبرن کي جيڪو چئن ووٽن وارو حق حاصل هو، ان سان ميمبرن جي جانورن وانگي نيلامي ٿيندي هئي، جنهن جي رستي روڪ ٿي آهي.

هن چيو ته خورشيد شاهه جي پارٽي کي نواز ليگ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ها پر انهن ايئن نه ڪيو.

خواجه سعد رفيق چيو ته پيپلز پارٽي وٽ پنجاب ۾ 8 ووٽ هئا ۽ پي ايم ايل ڪيو جا 8 ووٽ ملائي به هو هڪ سيٽ جي اهل نه هئا تنهنڪري انهن سان ان سلسلي ۾ ايڊجسٽمينٽ نه ٿي سگهي، ها جيڪڏهن فرق معمولي هجي ته انهن سان ايڊجسٽمينٽ ممڪن هئي.

هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ مفاهمت جي آجيان ڪيون ٿا، اتي اسان فنڪشنل ليگ جي حمايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*