ڏکڻ ڪوريا ۾ امريڪي سفير مارڪ لپرٽ کي نامعلوم هٿياربند چاقو سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي سفير مارڪ لپرٽ کي نامعلوم هٿياربند چاقو سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب زخمي سفير جي حالت سڌرندڙ آهي، جڏهن ته جاپان سميت مختلف ملڪن واقعي جي مذمت ڪئي آهي.

ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ امريڪي سفير مارڪ لپرٽ تي ان وقت نامعلوم جوابدار پاران چاقو سان حملو ڪيو ويو، جڏهن هو بريڪ فاسٽ فورم ۾ شريڪ هو.

حملي ۾ لپرٽ کي ٻانهن ۽ منهن تي زخم رسيا ۽ هو زمين تي ڪري پيو، کيس فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو، جتي هاڻي سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

امريڪي سفير تي چاقو سان حملو ڪندڙ شخص امريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل مشقن خلاف نعرا هڻي رهيو هو.

پوليس حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب حملي آور جي سڃاڻپ 55 سالن جي ڪــِم ڪــِي جونگ جي نالي سان ٿي آهي، جنهن امريڪا ڏکڻ ڪوريا فوجي مشقن خلاف احتجاج ڪندي امريڪي سفير تي حملو ڪيو.

پوليس موجب 2010ع ۾ ڪم ڪي جونگ جاپاني سفير تي پڻ پٿر اڇلائي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي کيس قيد جي سزا به آئي هئي، جيڪا بعد ۾ معطل ڪئي وئي هئي.

سعودي عرب جي دوري تي اسهيل امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري واقعي جي مذمت ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڪجهه گهڙيون اڳ حملي ۾ زخمي ٿيل ڏکڻ ڪوريا ۾ سفير لپرٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هو هاڻي ٺيڪ آهي.

ٻئي پاسي جاپان سميت مختلف ملڪن ڏکڻ ڪوريا ۾ امريڪي سفير تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*