پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو

hafizabad bariri bazyab

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو.پوليس موجب، جوابدار نينگري جو مائٽ آهي، جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس موجب، گذريل ڏينهن ڪسيسي جي علائقي هسيڪي مان اغوا ٿيل 8 ورهين جي نينگري کي ڪارروائي دوران بازياب ڪرايو ويو.

پوليس موجب، ڪارروائي دوران جوابدار کي به حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار الهه ڏتو نينگري ڪائنات جو مائٽ آهي، جيڪو گذريل هڪ ڏينهن کان سندن گهر ۾ ترسيل هو.

پوليس موجب، جوابدار نينگري کي گُڏي وٺي ڏيڻ جي بهاني وٺي ويو هو، کيس حفاظت سان بازياب ڪرايو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*