خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جماعت اسلامي جو ضلعي اڳواڻ مارجي ويو

Peshawar-Map-171016

خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جماعت اسلامي جو ضلعي اڳواڻ  مارجي ويو.

پوليس موجب، بنون جي غوري والا واري علائقي ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جماعت اسلامي جي ضلعي اڳواڻ ملڪ طفيل مٿان فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس پهچي جماعت اسلامي جي ضلعي اڳواڻ کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

واقعي بعد  پوليس علائقي کي ڪڙو چارهي سرچ آپريشن ڪيو.

پوليس موجب، جوابدار موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جيڪي فرار ٿي ويا آهن، جن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*