وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چترال ۾ مصروفيتن سبب ڪوهستان داسو جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته

Asif-karamani-2617

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چترال ۾ مصروفيتن سبب ڪوهستان داسو جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته نوازشريف ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ نڪتو آهي آهي، هو عوامي رابطا مهم ۾ عدل جي جنگ وڙهي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه مسلم ليگ ن جو ڳڙهه ثابت ٿيندو، عمران خان جي عملن بابت سڄي قوم چڱي ريت ڄاڻي ٿي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جو ڪيس عدالت ۾ آهي، ڪجهه نٿو ڳالهائي سگهجي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر آصف ڪرماني چيو ته نوازشريف ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ ٻاهر نڪتو آهي. جيڪو عوامي رابطا ۾ عدل جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

هن چيو ته وڏين جماعتن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا رهندا آهن، خيبرپختونخواهه مسلم ليگ نون جو ڳڙهه بڻجندو.

ن ليگ سينيٽر چيو ته پوري قوم عمران خان جي عملن کان چڱي ريت ڄاڻي ٿي.

نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيوته طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جو ڪيس عدالت ۾ آهي، ڪجهه نٿو ڳالهائي سگهجي.

هوڏانهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چترال ۾ مصروفيتن سبب ڪوهستان داسو جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*