پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن

Accident-Road-27217

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

لاهور ۾ عسڪري اليون ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

هوڏانهن ليا ۾ ڌوري اڏي ويجهو ايم ايم روڊ تي تيز رفتار بس ۽ رڪشي جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جڏهن ته بس ڊرائيور موقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*