شھدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻن مهينن کان گئس بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

shadadkot gas loadsheding ahtjaj

شھدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻن مهينن کان گئس بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پير بخش ڀٽي، لياقت جوڻيجو ۽ حمل خشڪ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر جي مختلف محلن زوھيب آباد، الله آباد ۽ مسڪين شاھ سميت ڪيترن ئي محلن ۾ گئس جي فراهمي ٻن مھينن کان بند ھجڻ ڪري رهواسي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس جي فراهمي بحال ڪري گئس عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*