ٿر ۾ مورن جي بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيوآهي، جنهن ۾ 10 ڏينهن دوران ڪيترائي مور مري ويا آهن

mithi mor beemari

ٿر ۾ مورن جي بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيوآهي، جنهن ۾ 10 ڏينهن دوران ڪيترائي مور مري ويا آهن.

راڻي کيت بيماري وگهي  ڏيپلو جي ڳوٺ  ڇڇي ۾ 20 مور مري ويا،جڏهن ته    ڪيترائي مور بيماري ۾ ورتل آهن.

علائقي ۾راڻي کيت بيماري پکڙيل آهي، پر وائلڊ لائيف کاتي نوٽيس نه ورتو آهي، ڳوٺاڻا بيمار مورن جو علاج ديسي نموني ڪرڻ تي مجبورآهن.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ ۾گذريل ڏهن ڏينهن کان بيماري پکڙيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٿر جي مورن کي بچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*