گذريل ڏينهن ڪراچي ڀرسان سامونڊي حدن ۾ غيرقانوني طور تي مڇي مارڻ تان گرفتار ٿيل 47 ڀارتي مهاڻن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو آهي

karachi map

گذريل ڏينهن ڪراچي ڀرسان سامونڊي حدن ۾ غيرقانوني طور تي مڇي مارڻ تان گرفتار ٿيل 47 ڀارتي مهاڻن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي جڊيشل ميجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ گرفتار ڀارتي مهاڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت پوليس جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ 47 ڀارتي مهاڻن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي مڇي مارڻ تي ڀارتي مهاڻن کي گرفتار ۽ 9 هوڙا قبضي ۾ ورتا هئا، جڏهن ته بعد ۾ مهاڻن کي ڊاڪس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*