ڪراچي پوليس اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

Rao-Anwar-Court-91217

ڪراچي پوليس اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

رائو انوار جي گرفتاري بابت ڪراچي ۾ پوليس عملدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ اسلام آباد ويندڙ ٽيم جي رپورٽ جو جائزو پڻ ورتو ويو.

اجلاس ۾ پوليس عملدارن پاران فيصلو ڪيو ويو ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري رکيا ويندا ۽ سندس موجودگي جي اطلاع تي فوري ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*