غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اسلام آباد جي ٻن سيٽن ۽ پنجاب جي 11 ئي سيٽن تي نواز ليگ جا سينيٽر ڪامياب

سينيٽ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اسلام آباد جي ٻن سيٽن ۽ پنجاب جي 11 ئي سيٽن تي  نواز ليگ جا سينيٽر ڪامياب ٿي ويا آهن.

غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ جي اسلام آباد مان اميدوار اقبال ظفر جهڳڙا 211 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، عورتن جي سيٽ تي نوازليگ جي اميدوار راحيلا مگسي 205 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي آهي.

اقبال ظفر جهڳڙا جي سامهون بيٺل پ پ اميدوار عمران اشرف کي 68 ووٽ مليا ۽ راحيلا مگسي سامهون بيٺل پيپلزپارٽي جي اميدوار نرگس فيض ملڪ رڳو 71 ووٽ حاصل ڪري سگهي.

اسلام آباد ۾ جنرل سيٽ تي ڪاسٽ ڪيل ووٽن مان 11 ۽ عورتن واري مخصوص سيٽ تي ڪاسٽ ٿيل ووٽن مان 14 ووٽ رد ڪيا ويا.

سينيٽر طور ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال ظفر جهڳڙا ۽ راحيلا مگسي چيو ته هو وزيراعظم نواز شريف جي اعتماد تي پورا لهندا.

غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نوازليگ پنجاب مان سينيٽرز جون 11 ئي سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن.

پنجاب مان عورتن جي سيٽن تي نواز ليگ جي عائشه رضا فاروق ۽ بيگم نجمه حميد ڪاميابي ماڻي آهي.

پنجاب ۾ سينيٽرز جي جنرل سيٽن تي نواز ليگ جي نهال هاشمي، سليم ضياءَ، چوڌري تنوير خان، مشاهدالله، پرويز رشيد، عبدالقيوم ۽ ڊاڪٽر غوث محمد ڪامياب ٿي ويا آهن، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن تي نواز ليگ جو راجا ظفر الحق ۽ پروفيسر ساجد مير ڪامياب ٿيا آهن.

اسلام آباد جي ٻن سيٽن لاءِ 260 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پنجاب ۾ 338 ووٽن مان 335 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*