گهوٽڪي ۾ ٽي هفتا اڳ مبينا مڙس جي تشدد ۾ فوت ٿي ويل ناري شبيران عباسي جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

ghotkimap11-9

گهوٽڪي ۾ ٽي هفتا اڳ مبينا مڙس جي تشدد ۾ فوت ٿي ويل ناري شبيران عباسي جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

 محمد بچل عباسي ۽ نظير احمد عباسي جي اڳواڻي ۾ رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ٽي هفتا گذري وڃڻ باوجود اي سيڪشن پوليس واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو، پوليس پئسا وٺي جوابدار غلام ياسين عباسي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته اسان کي شبيران جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به نه ڏني وئي آهي.

هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته شبيران عباسي واري قتل واقعي جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*