باڊهه ۾ سنڌ جي ناليواري سگهڙ مٺل جهتيال جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

badah

باڊهه ۾ سنڌ جي ناليواري سگهڙ مٺل جهتيال جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

اڳواڻن منور نوناري، نور محمد بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سگهڙ مٺل جهتيال سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب کي زندگي ارپي ڇڏي هو چئن ڪتابن جو تخليقڪار آهي پر هن وقت بيماري جي بستري تي آهي.

هنن چيو ته سندس علاج تي لکين رپيا خرچ اچي ٿو پر هو مفلسي ۽ غربت  سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي.

هنن سنڌ سرڪا ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته بيمار سگهڙ مٺل جهتيال جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*