سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته فاروق ستار جنهن طرح سان ڳالهيون ڪري پيو ان مان لڳي پيو ته ٽيسوري جي تجوري ڳالهائي پئي

nasir shah

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته فاروق ستار جنهن طرح سان ڳالهيون ڪري پيو ان مان لڳي پيو ته ٽيسوري جي تجوري ڳالهائي پئي.

ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻندي ۽ جيڪڏهن امن امان بهتر هجي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ سوئيپ ڪندي.

هن چيو ته وڏي عرصي کان ايم ڪيو ايم انتشار جو شڪار آهي، فاروق ستار جنهن ريت ڳالهيون ڪري پيو، ان مان لڳي پيو ته ٽيسوري جي تجوري ڳالهائي رهي آهي.

ناصر شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي ناڪامي ۽ انتشار، ڀتيخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*