پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبر براڊ شرمن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي

Bilawal-2433-19916

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبر براڊ شرمن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ انساني حقن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.

پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ براڊ شرمن وچ ۾ ملاقات ڪيپيٽل هل ۾ٿي.

هن ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات 45 منٽ جاري رهي، جنهن ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ انساني حقن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

براڊ شرمن، ڊيموڪريٽ پارٽي سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته فنانس سروسز ۽ پرڏيهي معاملن بابت هائوس ڪميٽي جو ميمبر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*