خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 8 هين ڏينهن به احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي

khair pur salu pro

خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 8 هين ڏينهن به احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي.

ڊاڪٽر مينهون خان لغاري، ڊاڪٽر غلام قادر شر ۽ ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جي اڳواڻي ۾ استادن احتجاج ڪندي ايڊمنسٽريشن بلاڪ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته وائيس چانسلر سياسي ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ سليڪشن بورڊ ۾ غير واسطيدار ماڻهن شامل ڪري بي پهچ استادن سان ناانصافي ڪري رهي آهي.

 هنن چيو ته من پسند ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ کان علاوه يونيورسٽي اندر وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ ڪري اسان کي ترقيون ئي ٻيا مطالبا منظور ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*