خانپور ويجهو انڊس هاءِ تي چنگچي رڪشا ايڪسل ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي

khan pur

خانپور ويجهو انڊس هاءِ تي چنگچي رڪشا ايڪسل ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي.

شادي ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ سهراب پهوڙ ويندڙ لاڙڪاڻو واسي مسمات حنيفان فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين ۾ سڪندر علي، محبوب بروهي، مسمات شبانه، حسنات، مسمات سهڻي معصوم نينگري ماوري بروهي ۽ منظور ڪلهوڙو کي خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فوتي مسمات حنيفان جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

فوتي مسمات حنيفان جو لاش گهر پهچڻ تي علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*