تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان معصوم نينگري اسما جي قاتل جي گرفتاري تي خيبرپختونخواهه پوليس جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي

imran khan

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان معصوم نينگري اسما جي قاتل جي گرفتاري تي خيبرپختونخواهه پوليس جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته رڳو رت جي هڪ ڦڙي سان پوليس ڪيس حل ڪري ورتو.

ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته اسما قتل ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه پوليس جوڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

هن ڇيو ته پوليس کي رت جو هڪ ڦڙو مليو، ان کان علاوه ٻيو ڪو به ثبوت نه هو، ايتري قدر جو سي سي ٽي وي فوٽيجز به نه هئا پر پوءِ به خيبرپختونخواهه پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي پوليس جديد سائنسي ۽ فورانزڪ طريقي سان ڪم ڪرڻ جي مهارت رکي ٿي.

هن چيو ته اسما قتل ڪيس ۾ پوليس چيف پروفيشنل بريفنگ ڏني، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پاران ڪنهن به ڪاميابي جو اظهار نه ڏيکاريو ويو.

عمران خان چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ڏوهاريپوليس ۽ خيبرپختونخواهه جي پروفيشنل پوليس ۾ واضح فرق  آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*