دولتپورصفن جي ڳوٺ امين ڏاهري واسين پاران دولتپورصفن پوليس جي اڳوڻي ايس ايڇ او جي خلاف دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

dolat pur sho

دولتپورصفن جي ڳوٺ امين ڏاهري واسين پاران دولتپورصفن پوليس جي اڳوڻي ايس ايڇ او جي خلاف دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 اُن موقعي تي ڳوٺاڻن لياقت ڏاهري، عبدالحميد ڏاهري، امان الله ڏاهري، ضمير حسين ڏاهري ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ ۾ دولتپورصفن ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالرشيد لوڌي سميت ٻيا پوليس اهلڪار موبائل پوليس ۾ سوار ٿي بغير وردي جي  ڳوٺ تي ڪاھ ڪئي ۽ چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو.

 هنن عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 هنن وڌيڪ چيوته پوليس اهلڪار ڳوٺاڻي ضمير تي سخت تشدد ڪري ۽ سندس کيسي مان شناختي ڪارڊ ، 7 هزار روڪ رقم ۽ اهم ڪاغذ کڻي هليا ويا.

 هنن چيوته ڪجھ ڏينهن پهريائين اسان جي ڪجھه عزيزن سان ناراضگي ٿي هئي، جنهن بعد اسان ٻئي عزيز ڌريون کير کنڊ ٿي وياسين پر ايس ايڇ او اسان کان لکين روپيا ٺاھ جا گهري رهيو آهي.

 ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين اعلى اختيارن کان گهر ڪندي چيو ته پوليس نا انصافين جو تدارڪ ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*