چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جي عدالتي آبزرويشن درست هئي

Supreme-Court-18816

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جي عدالتي آبزرويشن درست هئي، اسان کي ڪير به ٻاهر نٿو ڪڍي سگهي. اسان جي ذميواري انصاف ڪرڻ آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آئين جي آرٽيڪل 62 ايف ون بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت آئين جي تحت بڻائي وئي آهي، عدالتون ختم ٿي وڃن ته پوءِ جهنگ جو قانون هوندو.

چيف جسٽس چيو ته مون کي جسٽس اعجاز الاحسن برطانيا جي عدالت جو فيصلو ڪڍي ڏيکاريو جيڪڏهن عدالتي فيصلي تي بنا جواز تنقيد ٿئي ته جج جواب ڏئي سگهن ٿا.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي خلاف غلط فهميون پکيڙيندرن کي جواب ڏيڻو پوندو، ڪنهن آئيني اداري کي ڌمڪائڻ يا تنقيد ڪرڻ آرٽيڪل 5 جي ڀڃڪڙي آهي.

پيپلز پارٽي جي لطيف کوسا پنهنجي دليل ۾ چيو ته نواز شريف عدالت ۽ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، 18هين ترميم ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف کي برقرار رکيو ويو.

لطيف کوسا چيو ته آئين هڪ عمراني معاهدو ۽ مقدس آهي، عدليا ۽ فوج کي آئين تحفظ ڏنو آهي، آئين جو تحفظ اصل ۾ ملڪ جو تحفظ آهي،

لطيف کوسا ريمارڪس ڏيندي چو ته ماڻهن کي خبر آهي ته عدليا تي حملو ڪنهن ڪيو، عدالت ايتري رحمدلي نه ڏيکاري ته رياست کي سهڻو پيو. پاناما نظرثاني جو فيصلو اخبار ۾ مڪمل نه ڇپيو، سڄو فيصلو ڇپي ها ته اهو نه چون ها ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو،

پيپلزپارٽي جي وڪيل چيو ته سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جي عدالتي آبزرويشن درست هئي، عدالت کين گاڊ ائين ئي نه چيو هو، اڄ چيو پيو وڃي ته چيف جسٽس سمورن ججن کي ٻاهر ڪڍو،

لطيف کوسا چيو ته اهي ماڻهو پنهنجي خلاف خبر ناهن لڪڻ ڏيندا، عدالت جي سامهون ڪوڙا دستاويز پيش ڪيا ويا،

لطيف کوسا چيو ته نواز شريف نااهل ٿيڻ کان پوءِ سپر وزير اعظم بڻجي ويو، بطور پارٽي صدر نواز شريف وزير اعظم کي ڪڍي سگهي ٿو.

 راجا ظفر الحق سان مڪالمي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته راجا ظفر الحق صاحب توهان عدالت ۾ ايندا آهيو اسان کي خوشي ٿيندي آهي، اڄ ڪلهه توهان کي ڊيڄارڻ وارا ماڻهو نٿا اچن،

چيف جسٽس ريمارڪس  ڏنا ته عدليا جي تذليل  تي آرٽيڪل 24 جي تحت سزا ڏئي سگهون ٿا، توهين عدالت ڪيس ۾ جوابدار جي سزا 6 مهينا قيد هوندي آهي،

چيف جسٽس، ثاقب نثار چيو ته رياست جي ٿنڀي جو بنياد عدليا آهي، نه اسان پريشان آهيون ۽ نه ئي وري قوم پريشان آهي،

چيف جسٽس چيو ته پاڪستان جو عوام سپريم ڪورٽ جي ڪرنگهي جي هڏي بڻجندو، ناانصافي سان معاشرو قائم نٿو رهي سگهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*