وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته افغانستان ۾ امڪاني جنگ لاءِ پاڪستان جي ضرورت پوندي

Ahsan-Iqbal-111217

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته افغانستان ۾ امڪاني جنگ لاءِ پاڪستان جي ضرورت پوندي، پاڪستان بنا افغانستان ۾ آمريڪي جنگ کٽڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جي خرابي سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو.

آمريڪي اخبار دي واشنگٽن ٽائمز کي انٽرويو ڏيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان بنا افغانستان ۾ آمريڪي جنگ کٽڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن،

هن چيو ته آمريڪي الزامن سان ٻنهي ملڪن ۾ بي اعتمادي وڌي رهي آهي، ٻنهي ملڪن کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن،

وفاقي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ امڪاني جنگ لاءِ پاڪستان جي ضرورت پوندي، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جي خرابي سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو

هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڪي به محفوظ ٺڪاڻا موجود نه آهن.

احسن اقبال چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان جو اقتصادي اثر رسوخ وڌي رهيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*